عالمي خوراڪ گهوٽالو ٽارڻ

دنيا جو پيٽ پاليندڙ پورهيتن جي حقن ۽ گذران جي حفاظت ڪرڻ

عالمي خوراڪ ڏيهاڙو 2020

جون 2020 ۾، گڏيل قومن جي اداري چتاءُ ڏنو ته اسان کي پوين پنجاهه سالن ۾ خوراڪ جو بدترين عالمي گهوٽالو درپيش آهي.

ڪرونا جي وبا هر ملڪ ۾ خوراڪ جي فراهميءَ کي متاثر ڪيو آهي، جنهن جو سبب ماڻهن جي اچ وڃ تي جهل، فراهميءَ واري ٽرانسپورٽ ۾ خلل ۽ سرحدن جي بندش هو، نتيجي طور خوراڪ جي کوٽ ۽ اگهن ۾ واڌ سامهون آئي.

ٽرانسپورٽ ۽ فراهمين ۾ خلل زراعت ۽ فصلن جي وڪري تي اثرانداز ٿيو نتيجي طور شهرن ۾ کوٽ ۽ ٻنين ٻارن تي فصلن جا ڍير ٿي ويا. لکين ماڻهن جي بُکايل هئڻ دوران، اضافي زرعي پيداوار کي وڏي پئماني تي ذخيرو ڪيو ۽ ضايع ڪيو ويو. خطي ۾ غير رسمي شعبي جا گهورڙا ۽ پنهنجي گهرن مان خوراڪ جو ڪم ڪندڙ ڪروڙين پورهيت پنهنجو گُذران وڃائي ويٺا. مُند وارن ۽ لاڏائو پورهيتن کي اچ وڃ تي جهل جو منهن ڏسڻو پيو، نتيجي طور ٻنين ٻارن، فارمن ۽ ٻيلن ۾ پورهيتن جي کوٽ ٿي پئي. اُجرتن ۽ گُذران جي حياتيءَ لاءِ جوکم بڻجندڙ انهيءَ خطري پورهيتن ۽ سندن ڪُٽنبن کي تيزيءَ سان وڌندڙ وبا ۾ اڃائين وڌيڪ جوکم جو شڪار بڻائي ڇڏيو.

هن جيئن پوءِ تيئن وڌندڙ وڌندڙ وبا ۾ خوراڪ، گوشت جي وهنوار ۽ مشروبات جي تياريءَ وارين صنعتن جي پورهيتن کي لازمي/ضروري پورهيو ڪندڙ ليکيو ويو، جن لاڪ ڊائون ۾ ڦاٿل آبادين لاءِ کاڌي پيتي جو انتظام ٿي ڪيو پر سندن بدران صنعتن/شعبن کي اهميت ڏيندي سندن ڀاڱي ڀائيواريءَ کي جوڳي اهميت ۽ عزت نه ڏني وئي. وبا دوران گهڻي ڀاڱي آجر پنهنجي ساک جي برباديءَ کي هر ممڪن حد تائين گهٽائڻ ۽ پنهنجي وکر جي ساک بچائڻ ۾ ته تڪڙا هئا پر ڪرونا وبا جي پکيڙ ۽ پورهيتن کي ان کان محفوظ رکڻ جي مامري ۾ سُست رهيا.

غير مستحڪم روزگار سبب پورهيتن جي تحفظ گهٽجڻ ۽ کين اڃا تائين وڌيڪ جوکم جو شڪار بنائڻ دوران پڻ out sourcing ۽ عارضي ملازمتن ۾ اضافو ٿيو. جهڙي ريت گوشت واري صنعت دنيا آڏو وائکو ڪيو ته پورهيتن جو جوکم ۾ هئڻ نفعي بخش مامرو آهي نه ڪي سندن تحفظ. خوراڪ ۽ مشروبات جي فيڪٽرين ۾ وبا ڦُٽڻ دوران به ڪيترن ئي ملڪن ۾ حڪومتن ۽ آجرن يونينن تي چڙهايون ڪيون ۽ پورهيتن کي يونينن جو ميمبر هئڻ جي سزا ڏيڻ جو ڪوبه موقعو هٿان نه وڃايائون. يونينون هڪ محفوظ ڪم ڪار واري ماڳ جي حق لاءِ جهيڙي رهيون آهن، جڏهن ته سندن ميمبر دنيا جي کاڌي پيتي جي بندوبست ۾ رُڌل آهن.

انهيءَ وڌندڙ گهوٽالي کي ورندي ڏيندي، عالمي زرعي- خوراڪ ڪارپوريشنون جن جي عالمي خوراڪ سرشتي ۾ بالادستي آهي، عالمي واپار ۽ پنهنجا نفعا ٻيهر حاصل ڪرڻ جي پتوڙ ۾ آهن. سرشتو جيڪو هو بحال ڪرڻ چاهين ٿا سو انتهائي مُلهه وارن برانڊن ۽ وکرن جي اگهن، گهٽ اُجرتن ۽ ڳوٺاڻي استحصال، انتهائي اُپت ۽ زهريلين دوائن، غير پائيدار صنعتي زراعت ۽ ماحولياتي تباهيءَ تي ٻڌل آهي. هيءُ اُهو سرشتو آهي جيڪو هر سال زهر آلود دوائن جي ذريعي زهر واپرائجڻ جا ڪيس ٿو سامهون آڻي، جنهن جي نتيجي ۾ اڍائي لکن کان وڌيڪ موت ٿا ٿين. سرشتو جنهن ۾ وبا کان اڳ ئي 820 ماڻهو بُک وگهي گهاري رهيا هئا ۽ “اڻ کُٽندڙ خوراڪ جي عدم تحفظ” جو شڪار هئا. زرعي پورهيت، هاري ناري ۽ سندن برادريون انهيءَ اڻ کُٽندڙ خوراڪ جي عدم تحفظ جو شڪار بڻيل آباديءَ ۾ شامل آهن. ائين چئجي ته هو دنيا کي ته کارائي پيئاري رهيا آهن پر پاڻ لنگهڻ آهن.

عالمي خوراڪ سرشتو وبا کان اڳيئي گهوٽالي جو شڪار هو. هڪ اهڙو سرشتو جنهن ۾ چانهه جا سڀ کان وڏا برانڊ چانهه جي بهترين سُرڪ جو ته وعدو ٿا ڪن پر چانهه جي پوکيءَ وارن پورهيتن کي پاڻي ۽ نڪاسي جي بنيادي انساني حقن کان محروم ٿا رکن. هڪ اهڙو سرشتو جنهن ۾ سُپر مارڪيٽون رعائتي اگهه ڪيلن جي مُلهه جو اڌ کان وڌيڪ حصو ٿيون ڦٻائين پر ڪيلن جي پوکي ڪندڙ پورهيتن کي زهر آلود دوائون ٿيون ڦڪڻيون پون ۽ کين يونين سازيءَ تي ظالماڻي سزا ٿي ڀوڳڻي پوي. هڪ اهڙو سرشتو جنهن ۾ سامونڊي خوراڪ فراهم ڪندڙ عالمي فراهمي انتهائي گهڻي ماهيگيري ٿي ڪري ۽ پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هر سامونڊي جيوت کي ناس ٿي ڪري، جنهن دوران ماهيگيري ڪندڙ ٻيڙن ۽ جهازن تي غير قانوني تارڪين ۽ جبري پورهئي تي ڀاڙيو ٿو وڃي ۽ سامونڊي خوراڪ جو وهنوار ڪندڙ فيڪٽرين ۾ غير محفوظ ۽ جوکم ڀريو پورهيو ٿو ڪرڻو پوي.

عالمي خوراڪ سرشتو هڪ اهڙو سرشتو آهي جيڪو نو ڪروڙ اسي لک ٻارن جي ٻني ٻاري، فارمن ۽ ٻيلن تي استحصال لاءِ ڳوٺاڻي غربت تي ڀاڙي ٿو، جو اُپت پٽاندڙ اُجرت ٻارن کي پنهنجي والدين سان گڏ پورهيو ڪرڻ تي مجبور ٿو ڪري. تڳڻ جيتري اُجرت، نه ڪي گذر سفر واسطي اُجرت، پدرشاهي ۽ عورتن کي منظم ريت جوکم جو شڪار بنائڻ تي ٻڌل سرشتو جنهن ۾ جنسي طور تي هيسائڻ ۽ جنسي تشدد ان حد تائين گهڻو آهي جو ان ڏوهه خلاف ڀڙڪڻ بدران ان کي وهنوار ٿو ليکيو وڃي. عورتن خلاف متڀيد ۽ جوکم واريون حالتون پيدا ڪندڙ سرشتو جن جي اڪثريت ڏهوڻ تي وڌيڪ محنت ڪري دنيا کي خوراڪ ٿي فراهم ڪري. اهڙو سرشتو جيڪو يقيني طور تي وبا کان اڳيئي جُهري چڪو هو. هيءُ اُهو سرشتو آهي جنهن کي مرمت جي نه پر تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

پاليسي مشورن، سرڪاري عملي رٿائن ۽ ويڪسين جي وعدن جي شوروغل ۾ گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام (UNEP) اپريل 2020 ۾ هڪ رپورٽ شائع ڪئي جنهن موجب هيءَ وبا اسان جي ڪري ئي ڦُٽي آهي. ۽ جيڪڏهن اسان پوکي ۽ دنيا کي کارائڻ ۾ تبديلي نه آڻينداسين پر ايندڙ وبا ڪا گهڻو پري نه هوندي.

اِها رپورٽ واضح ٿي ڪري ته ڪرونا وائرس جهڙين بيمارين جي ٿيڻ ۽ انهن جي پکيڙ جو سبب بڻجندڙ انساني قدم ڪرونا وبا جو سبب آهن. “بيماري آڻيندڙ محرڪن” ۾ ماحولياتي تبديلي، ماحولياتي تباهي، صنعتي بڻايل زراعت، جانورن جي پروٽين جي طلب ۽ اسان جي خوراڪ جي فراهمي شامل آهن. ٻين لفظن ۾، عالمي خوراڪ سرشتو هن وبا جي ڦٽڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار هو. پنهنجي بد ترين پهلوئن ۾ اِهو بيماريءَ جو هڪ محرڪ آهي.

ايندڙ وبا ٽارڻ لاءِ ۽ عالمي وبا گهوٽالو ٽارڻ واسطي اسان کي لازمي طور عالمي خوراڪ سرشتو نئين سر نه جوڙڻ گهرجي پر ماحولياتي ۽ سماجي طور تي پائيدار خوراڪ سرشتو جوڙيون جنهن جي اسان کي ضرورت آهي.

اسان کي هڪ اهڙي پائيدار، انصاف تي ٻڌل ۽ پختي سرشتي جي گهرج آهي جيڪو عورتن کي درپيش وڏي پئماني تي تشدد، جوکم جو شڪار هئڻ ۽ ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ کي ختم ڪرڻ جو ست رکندڙ هجي.

اسان کي آفاقي خوراڪ ۽ غذائيت جي حق واري سماجي تحفظ ۽ جوڳن حقن تي ٻڌل هڪ پائيدار خوراڪ سرشتي جي ضرورت آهي.

اسان کي اهڙي خوراڪ سرشتي جي گهرج آهي جيڪو نازڪ فطري ماحول ۽ آبهوا کي برقرار رکي ۽ ان ۾ برقرار رهي.

اسان کي هيٺين ذريعي خوراڪ ۽ مشروبات جي پورهيتن جي حقن لاءِ لازمي طور تي احترام حاصل ڪرڻ گهرجي:

ڪم ڪار تي روزگار جو تحفظ ڪرڻ

ڪم ڪار تي تحفظ کي يقيني بنائڻ

ڪم ڪار تي صنفي برابري همٿائڻ

ڪم ڪار تي اجتماعي سودي ڪاريءَ جو احترام ڪرڻ

ڪم ڪار تي مناسب اُجرتن جي ادائيگي

عالمي گهوٽالو ٽارڻ لاءِ اسان کي لازمي طور،

فارمن، ٻني ٻاري ۽ ٻيلن ۾ ٻارن جي پورهئي جو خاتمو ڪرڻ                                                                                                            

فارمن، ٻني ٻاري ۽ ٻيلن ۾ جبري پورهئي جو خاتمو آڻڻ گهرجي.

فارمن، ٻني ٻاري ۽ ٻيلن ۾ عورتن خلاف تشدد جو خاتمو آڻيون.

فارمن، ٻني ٻاري ۽ ٻيلن ۾ هاڃيڪار دوائن جي استعمال جو خاتمو ڪريون.

فارمن، ٻني ٻاري ۽ ٻيلن ۾ ماحولياتي تباهيءَ جو انت آڻيون.

عالمي خوراڪ گهوٽالو ٽارڻ لاءِ

فارمن، ٻني ٻاري ۽ ٻيلن ۾ پورهيتن کي خوراڪ ۽ غذائيت جو حق لازمي طور حاصل هجي.

فارمن، ٻني ٻاري ۽ ٻيلن ۾ پورهيتن کي زمين ۽ رهائش جو حق لازمي طور حاصل هجي.

فارمن، ٻني ٻاري ۽ ٻيلن ۾ پورهيتن کي مناسب اُجرتن جو حق لازمي طور حاصل هجي.

فارمن، ٻني ٻاري ۽ ٻيلن ۾ پورهيتن کي يونين ۾ شامل ٿيڻ جو حق لازمي طور حاصل هجي.

عالمي خوراڪ گهوٽالو ٽارڻ لاءِ

ماهيگيريءَ جي پورهيتن کي ڪنهن يونين ۾ شامل ٿيڻ جو حق لازمي طور حاصل هجي.

ماهيگيريءَ جي پورهيتن کي سماجي تحفظ جو حق لازمي طور حاصل هجي.

ماهيگيريءَ جي پورهيتن کي محفوظ ڪم ڪار جو حق لازمي طور حاصل هجي.

ماهيگيريءَ جي پورهيتن کي گذر سفر جوڳي اُجرت جو حق لازمي طور حاصل هجي.

ماهيگيريءَ جي پورهيتن کي پائيدار ماهيگيريءَ جو حق لازمي طور حاصل هجي.

عالمي خوراڪ گهوٽالو ٽارڻ لاءِ

ڪنڌيءَ ڏانهن ڌڪيل هارين ۽ کيت مزدورن کي سماجي تحفظ گهربل آهي.

ڪنڌيءَ ڏانهن ڌڪيل هارين ۽ کيت مزدورن کي گذران جي تحفظ جي ضرورت آهي.

ڪنڌيءَ ڏانهن ڌڪيل هارين ۽ کيت مزدورن کي ماحولياتي تحفظ جي ضرورت آهي.

ڪنڌيءَ ڏانهن ڌڪيل هارين ۽ کيت مزدورن کي ماحولياتي عملي اُپائن جي ضرورت آهي.

عالمي خوراڪ گهوٽالو ٽارڻ لاءِ، اسان کي گهربل حقن تي ٻڌل، پائيدار عالمي خوراڪ سرشتو قائم ڪرڻ لاءِ لازمي طور تي گڏيل اُپاءُ وٺڻ گهرجن.

%d bloggers like this: